مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته مڪي ۾ هڪ شخص کي عورت کي هراسان ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ خوف پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
سعودي جنرل سيڪيورٽي سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته واقعي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڄاڻ ۽ دعوائون غلط آهن.
سعودي جنرل سيڪيورٽي جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ مسجد الحرام اندر سيڪيورٽي اهلڪارن کي هڪ شخص کي پڪڙيندي ڏسي سگهجي ٿو.
مسجد الحرام اندر هڪ شخص جي گرفتاري واري وڊيو وائرل، سعودي اختيارين وضاحت ڪري ڇڏي
You might also like