ساهه ته اچڻو وڃڻو آهي، موت کي هڪ ڏينهن هر ڪنهن جي در تي دستڪ ڏيڻو آهي، موت جي پنڇي کي من جي چائنٺ تان داڻو کائڻو ۽ پاڻي پيئڻو آهي، موت فطرتي عمل آهي، جيڪا شيءِ پيدا ٿئي آهي اها هڪ ڏينهن ڊهندي، پر اعليٰ ڪردار فنا نٿا ٿي سگهن، اڏول ماڻهن کي موت نٿو اچي سگهي، اهي سدائين امر رهڻا آهن. ڪامريڊ منان جي سوچ ۽ قوم دوستي وارو ادا ڪيل ڪردار به ڪڏهن ختم نٿو ٿي سگهي، سندس ڪيل جاکوڙ ۽ جدوجهد فوت نٿي ٿي سگهي. ڪامريڊ منان چانڊيي جي زندگي آدرشي انسان جي زندگي هئي، جنهن ۾ هر ناحق خلاف للڪار، هر ظلم تي وار ۽ هر هيڻي جي پُڪار شامل هئي.
اڄ منهنجي سياسي ۽ ادبي استاد بابا ڪامريڊ منان جي پنجين سالياني ياد جو ڏهاڙو آهي اڄوڪي ڏينهن تي ظاهري طور اسان کان هڪ اهڙو ماڻهو وقت کسي ورتو جيڪو اسانجي مٿان ڪنهن سائي نم جي گهاٽي ڇانو مثل هيو، هو منهنجي حياتي جو وڏو سرمايو هيو جنهن جي غير موجودگي مون لئه ڪنهن مها غم کان ذرو به گهٽ ڪونهي، پر هن عظيم ماڻهو جون ٻڌايل انوکيون ڳالهيون، سياسي، ادبي ۽ علمي عمل هر وقت اسانجي رهبري ڪندو رهي ٿو..
ڪامريڊ منان چانڊيو عوامي تحريڪ جو پڪو پختو ۽ ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن هيو جنهن سخت مارشلائي دور ۾ جيل جون سختيون ۽ صعوبتون برداشت ڪيون، کان سواءِ هو سنڌي ٻولي جو برجستو ۽ سچيت ليکڪ هيو جنهن مختلف مامرن تي سوين ڪالم لکيا،هو سماج سڌارڪ ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ انسان هيو.هن يگاني انسان سنڌي ادبي سنگت وارهه جو نئين سر بنياد وجهي شهر جي لکيل پڙهيل نوجوانن کي ادبي ماحول ڏيڻ ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. هو مثالي قسم جو ماڻهو هو جيڪو اڪثر ڪري شهر جي لکيل پڙهيل ۽ سلجهيل نوجوانن سان ڪنهن نه ڪنهن چونڪ، چوراهي ۽ موڙ تي سياست، سماج، علم ۽ ادب تي مثبت ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هيو. اها ڳالهه سو سيڪڙو سچي آهي ته وارهه جي ويجهي تاريخ ۾ هن ماڻهو شهر سميت آس پاس نوجوانن جي علمي، ادبي ۽ سياسي آبياري ڪئي، جنهن جو آخر نتيجو اهو نڪتو جو وارهه جا ڪيترائي نوجوان قلم هٿ ۾ کڻي لکڻ لڳا ۽ هڪ قسم جو ادبي ماحول برپا ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ وارهه شهر ۾ هڪ علمي، ادبي ۽ فڪري ماحول جڙي پيو جنهن اڳتي هلي قاضي غفار پبلڪ لائبريري جهڙي اهم اداري کي جنم ڏنو. ڄاڻايل لائبريري جي جڙڻ کان پوءِ شهر جي ادبي ماحول ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، نوان نوان لکندڙ پيدا ٿيا. ان علمي اداري کي هلائڻ جو ذمو پڻ ڪامريڊ منان پنهنجي سر تي کنيون، روز صبح جو سوير گهران نڪري وارهه ڪار اسٽاپ تان اخبارون کڻي اچي لائبريري کولي ويهندو هيو، جتي ڪيئي نوجوان علم جي اساٽ اجهائڻ لئه ايندا رهندا هيا. هن لائبريري کي پوري ذميواري ۽ ايمانداري سان هلائي ڏيکاريو، ڪتابن جي ڇنڊ ڦوڪ کان ويندي ڪرسين ۽ ميزن جي صفائيءَ تائين هن پاڻ ملهائي ڏيکاريو. هن ان ڪم ۾ ڪڏهن به عار محسوس نه ڪيو، ڪامريڊ منان چانڊيو مختلف وقتن تي سنڌي ادبي سنگت وارهه جو جوائنٽ سيڪريٽري، آڊيٽر، خزانچي، ڪائونسلر ۽ ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ممبر رهيو.
ڪامريڊ منان چانڊيو جيسيتائين زنده هيو تيسيتائين ورچي نه ويٺو، هن پنهنجي حياتي جو پل پل هيڻن ماڻهن جي حقن واري جدوجهد ۾ بسر ڪيو، هو عوامي ماڻهو هيو کيس عوام جي ڏکين ۽ سورن جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي، هن کي اها ڄاڻ هئي ته ظلم ڀلي ڪيڏو به طاقتور ۽ ٺٺ ٺانگر ۾ هجي پر عوام جي قوت اڳيان هو پير جهلي نٿو سگهي، هن کي اها به خبر هيو ته بنا جاکوڙ جي نتيجا ملڻ محال آهن، تنهن ڪري هن هر قسم جي جدوجهد ڪري اڻ ٿيڻي ڳالهه کي ٿيڻي ڪري ڏيکاريو. هو انهن ماڻهن مان هرگز نه هيو جيڪي وقت جي ڪوسي واءُ تي ڪک پن ٿي پنهنجي حيثيت ۽ نظرئي حيات تان ئي هٿ کڻي ويندا آهن، هو اهڙنڪا ماڻهن مان به نه هيو جيڪي ٺٺ ٺانگر جي پويان لڳي پنهنجا اصول، ۽ قبلا مٽائي وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪي ويهندا آهن. هن بي خوف ۽ لالچ کان پاڪ رهندڙ لئه بک جو ڀرم ڀلو هو، هن کي پنهنجا سياسي اصول، طور طريقا، آدرش ۽ پورهيت نظريو عزيز هيو جنهن تي هلي هن پنهنجي زندگي ڏاڍي شانائتي گذاري. ڪامريڊ منان شهر سميت سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي جو آواز اٿاريو، هو سراپا جدوجهد جو سچو مجسمو هيو، هر آئي ڏينهن هٿ ۾ پلي ڪارڊ کڻي وارهه جي مشهور چونڪ شهيد فاضل راهو تي پهچي ظلم خلاف احتجاج ۽ آواز بلند ڪندو هيو، سندس پڄاڻان جدوجهدن جا پڙاڏا اڄ به ٻڌجن ٿا، ڪامريڊ منان کي سنڌ سميت وارهه جا ماڻهو اڄ به ياد ڪن ٿا، اڄ به جڏهن فاضل راهو چونڪ تي پهچبو آهي ته ائين لڳندو آهي ته ڄاڻ ڪٿان نه ڪٿا ڪامريڊ منان احتجاج لاءِ پهتو. چوڻ جو مطلب ته هن هر مسئلي تي سراپا احتجاج ۽ آواز بنجي اڳيان اڳيان آيو، هن اڪيلي سر پڻ احتجاج ڪيا، هن ڪڏهن اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون، ڪڏهن ڏينهن ڌٺي جو لالٽين هٿن ۾ کنيون، ڪڏهن ميڻ بتيون ٻاريون، ته ڪڏهن خاموش احتجاج ڪري مسئلن جي نشاندهي ڪئي..