مير رضا جا قاتل اڄ تائين پردي پٺيان رکيا پيا وڃن: جبران ناصر

ڪراچي (رپورٽر) مير رضا علي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ قائم عدالتي ڪميشن جي مُدي ۾ واڌ بابت فيصلو نه ٿي سگهيو، جنهن کان پوءِ ڪميشن جي ڪارروائي 2 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي، جسٽس عمر سيال جي سربراهي ۾ قائم ڪميشن لکت وارو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، چيو ويو ته ڪميشن جي مُدي جي پڄاڻي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ڪميشن پاران مُدي ۾ 15 آڪٽوبر تائين واڌ لاءِ درخواست سنڌ حڪومت ڏانهن موڪلي وئي هئي، سنڌ حڪومت جي فوڪل پرسن ڪميشن کي آگاهه ڪيو ته ڪميشن جي مُدي ۾ واڌ بابت سمري وڏي وزير منظور ڪري ڇڏي آهي ۽ وڏي وزير اها سمري فيصلي لاءِ سنڌ ڪابينا ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، سنڌ ڪابينا جو اجلاس پهرين آڪٽوبر تي متوقع آهي، تنهن ڪري ڪميشن جي ڪارروائي 2 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ مناسب آهي، ٻئي پاسي مير رضا جي وارثن جي وڪيل جبران ناصر ايڊووڪيٽ چيو ته هينئر تائين عدالتي ڪميشن ۾ سامهون آيل ڳالهين ۾ وارثن پوليس تي ڪو بهتان نه لڳايو، پر مير رضا جي قاتلن کي اڄ تائين پردي پٺيان رکيو پيو وڃي، سڄي ڪراچي ۾ ڊاڪٽر اسامه بهترين ڪم ڪندڙ آفيسر طور نظر اچي رهيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جبران ناصر چيو ته اڄ ڪميشن ۾ ڪيس جي جاچ آفيسر سراج لاشاري ۽ سي پي ايل جي آفيسر ڪاشف جو بيان رڪارڊ ٿيڻو هو، جڏهن ته سينيئر پوليس آفيسرن کي پڻ سوالناما موڪلڻا هئا، جبران ناصر چيو ته ڪميشن به شفافيت تي زور ڏنو آهي ۽ بهتر اهو ئي آهي ته لاڳاپيل آفيسر ڪميشن اڳيان پيش ٿين، انويسٽيگيشن ٽيم جو سربراهه ايس ايس پي سميع الله سومرو ڪميشن اڳيان پيش ٿي چڪو آهي، سينيئر پوليس آفيسرن کي ڪميشن اڳيان پيش ٿيڻ گهرجي.

You might also like