لاهور/اسلام آباد(عمران شفقت+معظم فخر) هن وقت پاڪستان ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ ڪيس ٺاهيو پيو وڃي. بظاهر ائين لڳي رهيو آهي ته حالتون ان طرف وڃي رهيون آهن ۽ معلومات به ڪجھه اهڙي ئي آهي،وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، طلال چوڌري جي پريس ڪانفرنس جو لبِ لباب، ان جو نتيجو يا تشريح اها ٿي بڻجي ته وفاقي حڪومت، خيبر پختونخواهه حڪومت جي خلاف عوامي سطح تي هڪ ڪيس تيار ڪري رهي آهي.خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڳائڻ به هڪ مسئلو آهي، ڇو ته اتي جيڪو گورنر آهي اهو پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي. پيپلز پارٽي سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جون ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. هاڻي جيڪڏهن گورنر راڄ لڳي ٿو ته خيبر پختونخواهه ۾ گورنر پيپلز پارٽي جو آهي، ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته توهان هڪ ٻيو يونٽ (خيبر پختونخواهه) پاڪستان تحريڪ انصاف کان کسي پيپلز پارٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو. صدر به هڪ فرمان ذريعي، وزيراعظم جي مشوري سان ايمرجنسي لاڳو ڪري سگهي ٿو،جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته اها وڏي زيادتي ٿيندي ته توهان هڪ پارٽي کي جنهن وٽ جڳهه جو مئنڊيٽ ئي ناهي، ان کي اتان جي حڪومت ڏئي ڇڏيو. جن وٽ مئنڊيٽ آهي اهي آئيني طور ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. هي معاملو آخرڪار آئيني عدالت ۾ وڃي سگهي ٿوجڏهن ته خيبر پختونخواهه حڪومت لاءِ دهشتگردي ۽ دهشتگرد سندن موضوع ئي ناهن. جڏهن به ڳالهه ٿيندي آهي ته اهي چوندا آهن ته "دهشتگردي گذريل 22 سالن کان جاري آهي، توهان آپريشن پختونن خلاف ڪري رهيا آهيو، ڊرون استعمال ڪري رهيا آهيو، پاڪستاني فورسز خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن جڏهن ته پي ٽي آءِ تي بطور سياسي پارٽي پابندي مڙهڻ ۽ ان کي ٽي ٽي پي يا بي ايل اي وانگر باقاعده ڪالعدم قرار ڏيڻ ڏانهن ڪم شروع ٿي چڪو آهي. امڪان آهي ته پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ شايد ان حد تائين وڃڻ تي مزاحمت ڪن ته ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي نه مڙهڻ گهرجي، پر اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاقي حڪومت جي منشا واضح نظر اچي رهي آهي،گذريل ڏينهن تجزئي نگار نجم سيٺي پنهنجي پروگرام ۾ چيو هو ته "صرف گورنر راڄ نه، بلڪه پوري ملڪ ۾ قومي ايمرجنسي لڳڻ واري آهي نيشنل ايمرجنسي لڳڻ سان سڄو ملڪ، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي وفاق جي سڌو سنئون ڪنٽرول ۾ اچي ويندا.آئين جي آرٽيڪل 234 ۽ 232 تحت جيڪڏهن اندروني خلفشار يا ٻاهريان خطرا اهڙا بڻجي وڃن جو صوبائي حڪومتون انهن کي سنڀالي نه سگهن، ته صدرِ مملڪت پوري ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري سگهي ٿو. ٻئي پاسي ذريعن موجب ڪجهه سياسي اڳواڻن کي حتمي پيغام ڏنو ويو آهي ته ٺيڪ ٿي وڃو،پنهنجو قبلو درست ڪريو،