هزارين ماڻهو قربان ڪنداسين پر سنڌ جي وحدت تي وار قبول نه ڪنداسين

ٺٽو/گهارو/ ميرپور ساڪرو/ ڳاڙهو (نمائندن وٽان) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ منهنجي امان رابطه مهم جي سلسلي ۾  ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽرقادر مگسي ٺٽي ضلعي جي مختلف شھرن جو دورو ڪيو، جلسن کي خطاب ڪيو، ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي گهارو ۽ ميرپور ساڪرو ۾ جلسن کي خطاب ڪندي چيو ته حڪمران اقتدار جي مستيءَ ۾ حقيقتن کان ڪن لاٽارڪن ٿا تنهنڪري ملڪ کي عذاب ڀوڳڻو پوي ٿو، 1970 جي غلط پاليسين سبب انھن ملڪ کي 2 حصا ڪري ڇڏيو ۽ ٻيهر انهن غلط پاليسين سبب اڄ بلوچستان ۾ امن ناهي ڪي پي ڪي ۽ ڪشمير جون حالتون به خراب آھن هاڻي پرامن جمهوري طريقي سان سفرجاري رکندڙ سنڌکي نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به پاڪستان جي خلاف نه رهيا آھيون نه وري اسان پاڪستان کي ٽوڙڻ وارين سازشن جو حصو رهيا آھيون اسين پاڪستان جا شھري هجڻ ڪري پنهنجي جمهوري آئيني حق گهرون ٿا، قادر مگسي چيو ته اسين سنڌ مادر وطن جي ڪائناتي حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آھيون، سنڌ جي جاگرافيائي ۽ وحداني حدن سان هرگز هٿ چراند ڪئي ويئي ته اسان اهو قطئي طور برداشت نه ڪنداسين، پاڪستان نه هلڻ جو فلسفو پيش ڪري اسان  7 ڪروڙ سنڌين جي مادروطن کي ٽوڙڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۾ نون تجربن جوسلسلو بند ٿيڻ گهرجي اسان پاڪستان کي بچائڻ واري پاسي آھيون ۽ هي نوان صوباٺاهڻ وارا صاحب پاڪستان ٽوڙڻ واري نقطي تي ڪم پيا ڪن، ايم ڪيو ايم وارا ته هاڻي هڪٻئي تي شاهديون ڏيڻ لڳا آھن ته فلاڻو را جو ايجنڊ آھي، اهڙن ماڻھن کي تماشو ٺاهي فطنو پيدا ڪرڻ خانه جنگي واري صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آھي، ڪراچي جي ماڻھن کي شابس هجي جن هنن نسل پرستن کي سنڌ ۾ نئين جارحيت ۽ فاشزم واري سندن سازش کي رد ڪيو آهي، پاڪستان جون سموريون پاپولر پارٽيون پيپلزپارٽي جي يو آئي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ بلوچ قومپرستن کان ويندي وفاق پرست ۽ وطن دوست ڌريون چون ٿيون ته نون صوبن وارو راڳ قبول نه آھي، سنڌ اسيمبلي قرارداد پاس ڪري چڪي آھي.ان باوجود وفاقي وزير صوبا ٺاهڻ واري پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، اسين ڪنھن به خوف ۾ مبتلا نه ٿينداسين لاشن موڪلڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن چند ماڻھو ملڪ جي سالميت سان کيڏڻ چاهين ٿا.اسان هزارين ماڻهو مادر وطن تان قربان ڪنداسين پر سنڌ جي وحدت تي وار قبول نه ڪنداسين.

You might also like