اسلام آباد( منيب فاروق )طاقتور حلقن جي ويجهو رهندڙ صحافين موجب ملڪ ۾ قومي ايمرجنسي لڳائڻ بابت هڪ فيڪ نيوز پکيڙي وئي ته ملڪ ۾ ڪا نيشنل ايمرجنسي لڳي رهي آهي. جڏهن ته ملڪ جي ڪجهه ناليوارن صحافين ان جي ترديد به ڪئي آهي،ٻي خبر اي آر واءِ نيوز جي صحافي نعيم اشرف بٽ طرفان آئي، جنهن ۾ چيو ويو ته عليمه خان کي عمران خان پيغام ڏنو آهي ته سهيل آفريدي کي عهدي تان هٽايو وڃي، اينڪر ڪامران خان ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي واريون ڳالهيون ڪوڙيون آهن، اهڙو ڪجهه به نه پيو ٿئي،جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ايمرجنسي لڳڻ واري آهي، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جون ڪجهھ اهم شخصيتون، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان رابطي ۾ آهن، ملاقاتون به ٿيون آهن، سهيل آفريدي بابت ٻڌايو ويو ته هو هاڻي قابلِ قبول ناهي. رياست هن جي بيانئي تي سخت ڪاوڙيل آهي، سهيل آفريدي کي اهو پيغام پهچايو ويو آهي،بئريسٽر گوهر ۽ محمود اچڪزئي پاران محسن نقوي سان ملاقات ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته اسان جي عمران خان سان ملاقات ڪرايو جنهن تي محسن نقوي پاران جواب ڏنو ويو ته ان کي وساري ڇڏيو،پهرين توهان لانگ مارچ جو سڏ واپس ڪريو،عمران خان جو علاج ڪرائي رهيا آهيون،جيڪڏهن کيس ڪا سنگين بيماري نڪتي ته اسپتال به داخل ڪرايو ويندو،جڏهن ته بشريٰ بي بي کي ٿي سگهي ٿو ته عدالتن ذريعي رليف ڏئي اسپتال يا بني گالا منتقل ڪيو وڃي،ذريعن موجب هڪ هفتي اندر حڪومت ۽پي ٽي آءِ وچ ۾ 7 ملاقاتون ۽ هڪ خاص ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ بئريسٽر گوهر خان شريڪ هو، جنهن ۾ محسن نقوي کين چيو ته توهان کي ته ڪجهه رليف ملي رهيو هو پوءِ لانگ مارچ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ذريعن موجب ايندڙ ٽي ڏينهن اهم آهن،سهيل آفريدي کي بچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،ٻئي پاسي محمود اچڪزئي پي ٽي آءِ کي تجويز ڏني آهي ته پنڌ لانگ مارچ شروع ڪجي جنهن تي شفيع الله جان ۽ بئريسٽر گوهر مخالفت ڪندي چيو ته هي ڇا اسان ڪئين پنڌ نڪري پئون؟ان سان ڇا حاصل ٿيندو؟ اسان سان ڪو 200 ماڻهو هوندا، توهان ڪيئن چئي رهيا آهيو؟ ان تي محمود اچڪزئي ۽ علامه راجه ناصر عباس به ناراض ٿي پيا جنهن کانپوءِ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڊيڊلاڪ پيدا ٿي چڪو آهي، بئريسٽر گوهر خان سهيل آفريدي کي بچائڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جا زور لڳائي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ شيون وڏي تيز رفتاريءَ سان هلي رهيون آهن. ايندڙ 72 ڪلاڪ، 3 يا، 4 ڏينهن وڏا اهم آهن.