مائيڪ هيسن جي مستقبل تي ڪرڙي اک، سلمان آغا جي جاءِ تي صاحبزادا فرحان ئي مستقل ڪپتان هوندو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشين گيمز ۾ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت ڪندڙ اوپننگ بيٽر صاحبزادا فرحان کي سريلنڪا خلاف هوم سيريز ۾ به ڪپتان برقرار رکڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب، هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ٽي ٽوئنٽي فارميٽ لاءِ سلمان علي آغا جي جاءِ تي صاحبزادا فرحان کي ڪپتان بڻائڻ جي حق ۾ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سريلنڪا خلاف سيريز لاءِ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، 2028ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي رانديگرن جو پول تيار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي، جڏهن ته فخر زمان، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف جي واپسي جو امڪان ناهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ سري لنڪا وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون 9، 11 ۽ 13 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون.

You might also like