اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ تائين پي ٽي آءِ سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته شهر ۾ ڪنٽينر حفاظتي انتظامن طور رکيا ويا آهن، ڪنٽينر روڊ جي ڪناري تي پيل آهن ۽ روڊ کليل آهن.
هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت سان بيڪ ڊور رابطا اڃا به موجود آهن، پر لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ تائين انهن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.
رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته لانگ مارچ بابت رڳو بيان ڏنا پيا وڃن، عملي طور تي مارچ نه ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ ڪنهن کي به چڙهائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
پي ٽي آءِ سان پردي پٺيان رابطا جاري آهن، پر لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ تائين ڳالهيون نه ٿينديون: راڻا ثناءُ الله
You might also like