اسلام آباد (بيورو+م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ تي قرضن جو بار ۽ مهانگائي وڌي وئي آهي، جڏهن ته عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن جو ازالو نٿو ڪيو وڃي. عالمي طاقتن اسلامي دفاعي معاهدي کي سخت ڌڪ رسايو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ حڪومت ڪنهن ٻئي جي آهي، جڏهن ته حڪمرانن جي پاليسين سبب قوم ڳڻتي ۾ مبتلا آهي. ملڪ تي قرضن جو بار ۽ مهانگائي وڌي وئي آهي، پر مهانگائي جي حوالي سان عوام جي ڏکن جو ازالو نٿو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته حڪمران انڌا ٿي چڪا آهن.هن چيو ته ڪجهه جماعتن احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ اسلام آباد کي ڪنٽينرن سان ڀريو ويو آهي. اهڙن روين سان ملڪ لاءِ باغي ته اوهان پاڻ پيدا ڪري رهيا آهيو.هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏا ترقياتي منصوبا معطل آهن، جڏهن ته ماڻهو هاڻي پنهنجو سرمايو پرڏيهه منتقل ڪري رهيا آهن.هن چيو ته اوهان چين جو اعتماد وڃائي چڪا آهيو، جڏهن ته رياستي طاقت دفاعي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي ۽ گهر اندر باهه لڳل آهي.ملڪ بارود جي ڍير تي ويٺل آهي،مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ڏکين حالتن ۾ گهيريل آهي ۽ اسان بارود جي ڍير تي ويٺا آهيون. مسئلا پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجن، پر حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو خاموش آهن.هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبنديءَ جا نتيجا عوام کي ٻڌايا وڃن. اڄ سعودي عرب تي گولا برسائي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ پارليامينٽ هائوس جو بند ڪئمرا اجلاس سڏايو وڃي، ڇاڪاڻ ته پارلياماني اڳواڻن جي بند ڪمري واري اجلاس جو ڪو فائدو ناهي.سعودي عرب سان گڏيل دفاعي معاهدي ۾ مصر ۽ ايران کي شامل ڪرڻ گهرجي ها،هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام کانسواءِ حڪومت ٺهي نٿي سگهي ۽ جيڪڏهن ٺهي به وڃي ته هلي نٿي سگهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت کان ڌار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اها اقليتي حڪومت بڻجي ويندي.هن چيو ته هن وقت مخالف ڌر ان پوزيشن ۾ ناهي ته بي اعتمادي جي رٿ آڻي سگهي. في الحال ان حوالي سان ڪا سوچ ناهي ۽ نه ئي بي اعتمادي جي رٿ تي غور ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به جيڪڏهن بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي ته اسان ان جو ساٿ ڏينداسين.پارلياماني نظام کي مستحڪم ٿيڻ نه ڏنو پيو وڃي هن چيو ته جڏهن سنڌ وڃون ٿا ته اتي به گهٽيءَ جي ڏوهن جا واقعا ٿين ٿا، جڏهن ته بلوچستان وڃون ٿا ته اتي ڏينهن ڏٺي جو بئنڪون ڦريون وڃن ٿيون. اهڙو ڪو نظام موجود ناهي، جيڪو بئنڪن يا شهرين کي تحفظ فراهم ڪري سگهي.هن چيو ته اسان صوبن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. صوبن جي وسيلن جا مالڪ انهن صوبن جوعوام آهي ۽ صوبن جا حق آئيني طريقيڪار موجب حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ڏينهن ڏٺي جو بئنڪون ڦريون وڃن ٿيون، پر انهن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪو اثرائتو نظام نظر نٿو اچي. هن چيو ته حڪمران عوام جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ انهن جي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. ملڪ ۾ طاقت جو انڌوڌنڌ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ماڻهن کي احتجاج جو حق به نه ڏنو پيو وڃي،هن چيو ته ڪنهن کي ڀارت جي ڳجهي اداري جو ايجنٽ قرار ڏنو وڃي ٿو، ڪنهن کي افغانستان جو ايجنٽ ۽ ڪنهن کي ايران جو ايجنٽ بڻايو وڃي ٿو. رڳو طاقتور ماڻهو ئي پاڻ کي پاڪستاني سمجهن ٿا ۽ ٻين کي پاڪستاني نٿا سمجهن. اهڙا رويا هاڻي ناقابل برداشت ٿيندا پيا وڃن.هن چيو ته جنهن طريقي سان خوارج رڳو پاڻ کي مسلمان سمجهن ٿا، ساڳيءَ طرح اسان جا طاقتور به رڳو پاڻ کي پاڪستاني سمجهن ٿا ۽ پاڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي پاڪستاني نٿا سمجهن.مولانا فضل الرحمان چيو ته اهڙا رويا هاڻي ناقابل برداشت ٿيندا پيا وڃن ۽ حڪومت کي ان معاملي تي غور ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ اسيمبليون ۽ حڪومتون موجود آهن ته پوءِ انهن جي عملداري به نظر اچڻ گهرجي ۽ انهن جي اختيارن کي ڪنهن کي به چئلينج نه ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ هر ڪو هر ڪنهن جي اختيار کي چئلينج ڪندو رهندو.