اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مڪي شريف ڏانهن ڪيل حملي جي ڪوشش ۽ سعودي عرب تي حوثي باغين جي مسلسل جارحيت جي سخت مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته حرمين شريفين جي تقدس ۽ سعودي عرب جي خودمختياري توڙي علائقائي سالميت تي ڪو به سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي.
پرڏيهي آفيس جي هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان سجاد حيدر خان چيو ته مڪي شريف کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش انتهائي مذمت ۽ ڳڻتي جوڳو قدم آهي، جنهن سان سڄي دنيا جي ڪروڙين مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن.
هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي امن، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پنهنجي برادر ملڪ سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪري ٿو، پاڪستان سعودي عرب جي شهري علائقن ۽ اهم ٿاڪن تي حوثين جي حملن جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو.
ترجمان چيو ته پاڪستان هن هفتي اوڀر-اولهه پائيپ لائين تي ٿيل حملي جي به سخت مذمت ڪري ٿو، اسان خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ان جي امڪاني اثرن تي گهري ڳڻتي آهي.
هن حملي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سعودي هٿياربند فوج جي وقتائتي، اثرائتي ۽ پيشوراڻي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته سعودي فورسز صورتحال تي ڪاميابي سان ضابطو رکيو ۽ اهم ٿاڪن جي تحفظ کي يقيني بڻايو.
ترجمان جو چوڻ هو ته اسلام آباد وچ اوڀر جي تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو انتهائي سنجيدگي سان جائزو وٺي رهيو آهي.
هن زور ڏنو ته خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ تڪرارن جي مستقل حل لاءِ سفارتڪاري، نتجيجا ڏيندڙ ڳالهين ۽ سياسي ذريعن ئي واحد اثرائتو رستو آهن، جڏهن ته پاڪستان پرامن حل ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه جي حمايت ڪندو رهندو.
مڪي کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش برادشت جوڳي ناهي، سعودي جي سلامتيءَ تي سمجهوتو نه ڪنداسين: پاڪستان
You might also like