لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي فاسٽ بالر حارث رئوف ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
فاسٽ بالر حارث رئوف پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون ۾ شاندار شروعات کانپوءِ ريڊ بال ڪرڪيٽ ۾ واپسي جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
فاسٽ پي ٽي وي جي نمائندگي ڪندي او جي ڊي سي ايل خلاف افتتاحي ميچ ۾ 5 وڪيٽون حاصل ورتيون آهن.
واضح رهي ته حارث رئوف پاڪستان جي نمائندگي ڪندي رڳو هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏي آهي.
هن ڊسمبر 2022ع ۾ راولپنڊي ۾ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ ميچ ۾ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هو ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ کان پري ئي رهيو آهي.
فاسٽ بالر ان ميچ ۾ 13 اوورز ڪرايا هئا ۽ فيلڊنگ دوران زخمي ٿيڻ سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويو هو.
تازو انٽرويو ۾ حارث رئوف چيو ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته سندس بالنگ ٽيم لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي.
هن چيو ته ”مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڻ کي دستياب رکڻ جي پوري ڪوشش ڪندس.“
واضح رهي ته انگلينڊ تازو ئي ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان کي 0-3 تان وائيٽ واش ڪيو آهي، جڏهن ته قومي ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ ۾ پڻ آخري نمبر تي اچي وئي آهي.
You might also like