شيلا ڪي جواني، چڪني چميلي۽ ڪملي ڪملي واري ڪترينا کي رقص ۾ ”ٻُڙي“ چيو ويو!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪوريوگرافر بوسڪو انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪارا ڪترينا ڪيف کي ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ رقص ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هئي ۽ هڪ ڪوريوگرافر کيس رقص ۾ ”ٻُڙي“ قرار ڏيندي اداڪارا کي ڊانس ڇڏڻ جو مشورو به ڏنو هو.
ڪوريوگرافر بوسڪو ۽ سيزر ويجهڙ ۾ ئي هدايتڪار ۽ ڪوريوگرافر فرح خان سان هڪ انٽرويو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هنن ڪوريوگرافي جي سفر ۽ فرح خان سان گڏ ڪم ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
گفتگو دوران فرح خان ٻڌايو ته ”شيلا ڪِي جواني“ سندس ڪوريوگراف ڪيل گيتن مان سڀ کان گهٽ خرچ ۾ تيار ڪيل پرفارمنس هئي، جنهن جي شوٽنگ رڳو 10 ڇوڪرن ۽ اداڪارا ڪترينا ڪيف سان ڪئي وئي هئي.
ان موقعي تي بوسڪو چيو ته”شيلا ڪي جواني“ ڪترينا ڪيف جي ڪيريئر لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيو، ان تي فرح خان به اتفاق ڪندي چيو ته بلڪل ائين ئي ٿيو، پر ان وقت کين خبر نه هئي ته ڪترينا رقص به ڪري سگهي ٿي.
بوسڪو ماضيءَ جو واقعو ياد ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪترينا ڪيف کي ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ هڪ ڪوريوگرافر طرفان تذليل جو منهن ڏسڻو پيو هو، ان ڪوريوگرافر ڪترينا کي چيو هو ته هوءَ رقص جي معاملي ۾ ”ٻُڙي“ آهي، تنهن ڪري کيس رقص ڇڏي ڏيڻ گهرجي.

You might also like