ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته قوم جا فيصلا اهي ماڻهو ڪندا، جن کي قوم ووٽ ڏئي چونڊيو آهي، جڏهن ته خيراتي يا مصنوعي مينڊيٽ تي ويٺل ماڻهو قوم جا فيصلا نٿا ڪري سگهن.
سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته 18هين ترميم سان صحت، تعليم، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان ترقي ٿي آهي، اڄ ڪجهه وفاقي وزير 18هين ترميم خلاف ڳالهائي رهيا آهن، 18هين ترميم کان اڳ جناح اسپتال جي ڪهڙي صورتحال هئي ۽ اڄ ڪهڙي آهي؟ اڄ اهڙا ماڻهو 18هين ترميم تي ليڪچر ڏئي رهيا آهن، جيڪي فارم 47 جي پيداوار آهن.
هن چيو ته ٿر مان ساڍا 3 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، سنڌ جي وسيلن مان پيدا ٿيندڙ توانائي سڄي ملڪ کي فائدو پهچائي رهي آهي.
سينيئر وزير جو چوڻ هو ته مصطفيٰ ڪمال، احسن اقبال، خواجا آصف يا ڪنهن ٻئي کي اعتراض آهي ته پارليامينٽ ۾ ڳالهائين، سنڌ اسيمبلي اوهان جي هر ڳالهه جو آئيني ۽ قانوني جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيڪڏهن اوهان وٽ دليل ۽ موقف آهي ته اسيمبلي ۾ اچي ڳالهائين.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته وفاقي وزيرن کي گذارش آهي ته پهريان عوام ۾ وڃن، عوام کان ووٽ وٺي چونڊجي اچن، پوءِ ڳالهائين، خيراتي يا مصنوعي مينڊيٽ تي ويٺل ماڻهو قوم جا فيصلا نٿا ڪري سگهن، قوم جا فيصلا اهي ماڻهو ڪندا جن کي قوم ووٽ ڏئي چونڊيو آهي.
You might also like