لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عمران خان جي شموليت کانسواءِ نون صوبن جو تصور نٿو ڪري سگهجي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سمورين اسيمبلين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ۽ صوبا ٺاهڻ جي عمل ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي به گڏ رکڻ گهرجي، ڇو ته باني جي شموليت کانسواءِ نون صوبن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته جيڪڏهن انصاف جو نظام درست هجي ها ته پي ٽي آءِ جي باني کي جلد رليف ملي وڃي ها، حڪومت پي ٽي آءِ کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي.
اسد عمر جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت هارين سان سٺو رويو اختيار ناهي ڪيو، ان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ۽ پنجاب حڪومت هارين کان معافي وٺي.
Next Post
You might also like