ٽيم ۽ ڪوچ تبديل ٿيا، پر عاقب جاويد کي ڇو نه هٽايو ويو؟ سعيد اجمل پي سي بي کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپنر سعيد اجمل پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) تي سخت تنقيد ڪندي سوال اٿاريو آهي ته ٽيم ۽ ڪوچز کي تبديل ڪرڻ باوجود عاقب جاويد جهڙن ماڻهن کي ڇو نٿو هٽايو وڃي، جيڪي پاڪستاني ڪرڪيٽ کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
سعيد اجمل جو چوڻ هو ته پي سي بي ٽيم ۾ تبديليون ڪيون ۽ ڪوچز کي به هٽايو، پر سوال اهو آهي ته عاقب جاويد جهڙن ماڻهن کي ڇو نٿو هٽايو وڃي، جن پاڪستاني ڪرڪيٽ کي نقصان پهچايو آهي.
هن پي سي بي جي پاليسين ۽ فيصلن تي سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن بورڊ واقعي بهتري چاهي ٿو ته پوءِ انهن ماڻهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جيڪي ڪرڪيٽ جي موجوده صورتحال جا ذميوار آهن.

 

You might also like