ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي قومي ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.
هن چيو ته انگلينڊ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ضروري هو، ڪارڪردگي کانسواءِ ٻيا به معاملا آهن، جن کي في الحال ڏٺو پيو وڃي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته هي ڪرڪيٽ کانسواءِ ٻين معاملن تي ڳالهائڻ جو وقت ناهي.
هن چيو ته هو تنقيد کان نه اڳ ۾ گهٻرايو آهي ۽ نه ئي هاڻي گهٻرائي ٿو، جڏهن ته انهن ماڻهن جي تنقيد سان ڪو فرق نٿو پوي، جن پاڻ ڪجهه ناهي ڪيو.