دادو جو ڪچو خوني ويڙهه ۾ تبديل، 8 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي/ دادو (رپورٽر/ عزيز احمد ملڪ) دادو جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ دانو چانڊيو ۾ چانڊيو برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ خوني جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته واٽهڙو عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ڳوٺاڻا گهرن تائين محدود ٿي ويا، ان سلسلي ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن ٻڌايو ته فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ ڌر جا ساجن چانڊيو، منظور چانڊيو، سلطان چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو، سونو چانڊيو، بچل چانڊيو ۽ حبيب الله چانڊيو مارجي ويا، جڏهن ته ٻي ڌر جا 2 سڱا ڀائر ديدار چانڊيو ۽ گلبهار چانڊيو پڻ مارجي ويا، پوليس موجب فائرنگ ۾ ممتاز چانڊيو، غلام قادر ۽ هڪ راهگير عورت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو سخت زخمي ممتاز چانڊيو جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري رهڻ سبب علائقي ۾ سخت خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، واقعي بعد علائقي ۾ سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي، ايس ايس پي، ڊي ايس پي ۽ وڏي انگ ۾ پوليس نفري پهتي، چانڊيا برادري جي 8 ڄڻن جي مارجڻ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان تفصيل طلب ڪري ورتا، وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه دادو جي ڳوٺ دانو چانڊيو ۾ فائرنگ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيلن جي وارثن سان دلي همدردي ڪئي، وڏي وزير سنڌ آءِ جي پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي، مراد علي شاهه واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسينم وڏي وزير آءِ جي پوليس کي واقعي جي فوري جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي، جڏهن ته صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي معاملي تي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي، ٻئي طرف پوليس جي اعليٰ عملدارن طرفان ٻڌايو ويو ته علائقي ۾ وڏو آپريشن ڪيو ويندو، واقعي ۾ ملوث ذميوارن کي بخش نه ڪيو ويندو، پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like