ساهيوال(عوامي آواز نيوز) پنجاب ۾ڪرپشن سبب هڙپه ٿاڻي جي معطل ايس ايڇ او کي الوداعي پارٽي ڏيڻ ۽ مٿس گل نڇاور ڪرڻ واري معاملي تي ڊي پي او ساهيوال محمد عثمان ٽيپو نوٽيس ورتو.ساهيوال پوليس جي ترجمان موجب، معطل ايس ايڇ او سان گڏ گل پاشي ڪندڙ سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي پڻ معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن خلاف کاتي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي. معطل آفيسر تي گلن جون پنکڙيون نڇاور ڪرڻ به ساٿي آفيسرن کي ڳرو پئجي ويو!ڊي پي او ساهيوال محمد عثمان ٽيپو واضح ڪيو آهي ته پوليس ۾ نظم ۽ ضبط ۽ احتساب تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.