ٻار کي بچائي مون ڪو احسان ناهي ڪيو:نرس رضيه نورين

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پمز جي هيرو نرس رضيه نورين جو تعلق مسيحي مذهب سان آهي، جنهن لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان ڪيو ويو.نرس رضيه نورين چيوته مون کي ننڊ نٿي ٿئي، اهي ٻار مون کي سمهڻ نٿا ڏين. مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته باقي ٻارن کي به بچائي وٺان، پر باهه تمام تيز هئي. مان باقي ٻارن کي بچائي نه سگهيس. مون ڪو احسان ناهي ڪيو، رڳو پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪئي آهي،ڪنهن ايوارڊ يا ٻي ڪنهن شئي لاءِ اهو ناهي ڪيو،ڇو ته ٻارن سان مون کي پيار هو،هن چيو ته مان وزيراعظم ۽ باقي سڀني جي ٿورائتي آهيان،جن مون کي ان قابل سمجهيو

You might also like