لاهور(بيورو)8مهينن دوران پنجاب جي 11 ضلعن ۾ 29 ٻارن سان زيادتي جا واقعا پيش آيا، پوليس رڪارڊ موجب ٻارن سان زيادتي ۽ قتل جا 16 ڪيس داخل ڪيا ويا.پوليس موجب سڀني ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ قتل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعن ۾ ملوث 20 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.شيخوپوره ۾ هڪ، گوجرانوالا ۾ 2 ۽ سرگوڌا ۾ 9 واقعا پيش آيا.ميانوالي ۾ 2، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ هڪ، جهَنگ ۾ هڪ، فيصل آباد ۾ 3، خاني وال ۾ 2، مظفرڳڙهه ۾ 2، بهاولپور ۾ 4 ۽ رحيم يار خان ۾ پڻ 2 واقعا رپورٽ ٿيا.پوليس رڪارڊ موجب هن وقت تائين رڳو 11 واقعن جا چالان عدالتن ۾ جمع ڪرائي سگهيا آهن، جڏهن ته 4 ڪيسن ۾ جوابدارن کان اڃا تائين جاچ جاري آهي.