ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ملير سٽي پوليس جي مبينا حراست ۾ 17 ورهين جو نوجوان ارشاد بلوچ فوت ٿي ويو. وارثن الزام لڳايو آهي ته پوليس نوجوان کي بجلي جو ڪرنٽ لڳائي قتل ڪيو، جڏهن ته پوليس الزام رد ڪري ڇڏيو، فوت ٿيل نوجوان جي وارثن لاش سان گڏ پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي ٻڌايو ته 17 ورهين جو ارشاد اٺين جماعت جو شاگرد هو ۽ پوليس لاسي ڳوٺ ۾ سندس گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو هو، وارثن جو چوڻ هو ته ارشاد کي بجلي جو ڪرنٽ لڳائي قتل ڪيو ويو. وارثن ۽ علائقي واسين جناح اسپتال ۾ پڻ احتجاج ڪيو، ٻئي طرف ملير سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او رياض ڀٽو موجب پوليس بدنام منشيات فروش ارشد جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو هو، جنهن کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 55 گرام آئس هٿ ڪئي وئي، ايس ايڇ او موجب ڪارروائي دوران منشيات فروش ارشد جو پاڙيسري نوجوان ارشاد ڀڄڻ لڳو ۽ گهرن جي ڇتين تان ٽپو ڏيندي بجلي جي تار ۾ ڦاسي پيو، جنهن سبب کيس ڪرنٽ لڳي ويو، پوليس موجب جڏهن ارشاد کي تحويل ۾ ورتو ويو ته هو بيهوش هو. کيس جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ايس ايڇ او رياض ڀٽو دعويٰ ڪئي ته نوجوان ارشاد پوليس جي حراست ۾ تشدد سبب فوت ناهي ٿيو، منشيات فروش ارشد جي گرفتاري دوران ارشاد ڊپ سبب فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.