راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته سوشل ميڊيا پروپيگنڊا خلاف نوجوانن جو هاڪاري ۽ بامعنيٰ ڪردار ضروري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششن تي روشني وڌي ۽ نوجوانن لاءِ تعليم، مهارتن، ڪاروباري صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل تجزيي کي ڪم آڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
فيلڊ مارشل چيو ته نوجوان نسل کي حقيقتن تي ٻڌل سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سوشل ميڊيا پروپيگنڊا خلاف نوجوانن جو هاڪاري ۽ بامعنيٰ ڪردار ضروري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، هارورڊ بزنس اسڪول جي شاگردن پاڪستان جي دوري جي تجربن کي شاندار قرار ڏنو آهي.