لاهور(عوامي آواز نيوز) وفاقي وزارتِ پيداوار طرفان مهانگي اگهه تي درآمد ڪيل کنڊ کي سستي اگهه تي برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.وزارتِ پيداوار جي ذريعن موجب هن فيصلي سان قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان ٿيندو، جڏهن ته اڍائي لک ٽن مقامي طور تي سستي کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو نه ٿي سگهيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو مايوس ڪندڙ آهي.ذريعن موجب ڪمند جو فصل هارين کان خريد ڪرڻ ممڪن نه رهندو، جڏهن ته شگر ملن جي مالڪن وزارتِ پيداوار کي اڳواٽ ئي ان صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.