ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ڪابينا نوجوان واپاري مير رضا جي قتل واري واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪراچي ۾ مير رضا قتل ڪيس جي عدالتي انڪوائري ڪئي ويندي، جڏهن ته عدالتي ڪميشن قيام جي 30 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ، نتيجا ۽ سفارشون صوبائي حڪومت کي پيش ڪندو، صوبائي حڪومت مير رضا جي والدين جي درخواست تي عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت ڪميشن جي سربراهي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان حاضر سروس جج نامزد ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي، وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عدالتي ڪميشن ڪيس جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ ڪندو. ڪميشن کي وڌيڪ جاچ ۽ فرانزڪ تجزيي جي سفارش ڪرڻ جو اختيار پڻ حاصل هوندو، وڏي وزير سمورن سرڪاري کاتن، ادارن ۽ آفيسرن کي ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا جي والد جي وڪيل جبران ناصر سنڌ حڪومت پاران عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي جبران ناصر چيو ته مير رضا جا وارث جي آءِ ٽي جي قيام لاءِ اڄ هاءِ ڪورٽ ويندا ۽ عدالتي ڪميشن جي مخالفت ڪندا، مير رضا جي وارثن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جاچ جا ٽي او آرز پڻ عوام آڏو ظاهر نه ڪيا ويا آهن، جبران ناصر وڌيڪ چيو ته پوليس اڄ پنهنجي جاچ رپورٽ مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪندي، هن سوال اٿاريو ته پوليس جي رپورٽ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ حڪومت عدالتي ڪميشن جو اعلان ڇو ڪيو؟ سندس چوڻ هو ته ڇا ان جو سبب اهو آهي ته حڪومت پوليس جي جاچ جي نتيجن کان واقف آهي ۽ انهن نتيجن سان اتفاق نٿي ڪري؟ مير رضا جي والد جي وڪيل وڌيڪ سوال اٿاريو ته جي آءِ ٽي ڇو نه جوڙي وئي ۽ پوليس آفيسرن جي مبينا مجرماڻي رويي جي جاچ ڇو نه ڪئي وئي؟، ڪيس کي شروع کان وٺي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.