ڪراچي کي ورهائڻ جا مطالبا چائنا ڪٽنگ لاءِ آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو شهر کي الڳ ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن چڙيا گهر ۾ دڪان ۽ فلاحي پلاٽن تي شادي هال ٺاهي سگهن، گارڊن پمپنگ اسٽيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته هي پمپنگ اسٽيشن 2005ع ۾ ٺاهي وئي هئي، پر ڪڏهن به فعال نه ٿي. ان وقت جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ٻئي موجود هيون ۽ هي علائقو ايم ڪيو ايم جو ڳڙهه سمجهيو ويندو هو، مرتضيٰ وهاب چيو ته علائقي جي ماڻهن کي صرف لولي پاپ ڏنو ويو، هن جماعت اسلامي جي مطالبن بابت چيو ته جيڪڏهن مطالبا وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل آهن ته حافظ نعيم الرحمان اسلام آباد وڃي احتجاج ڪري، ڪراچي جون روڊون بند ڪري شهرين کي پريشان نه ڪيو وڃي، ايم ڪيو ايم ڪراچي کي لسانيات، خوف ۽ انتشار جي سياست ڏني، هن چيو ته اهڙي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته شهر کي ٻيهر ورهائڻ جون مبينا ڪوششون ڪرپشن ۽ چائنا ڪٽنگ لاءِ ڪيون پيون وڃن.

You might also like