خيرپور ۾ بدامني جي باهه، هڪ ئي رات ۾ انجنيئر سوڌو 4 ڄڻا قتل

خيرپور (رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ضلعي ۾ مختلف واقعن دوران 4 ڄڻا قتل، ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي، خيرپور ۾ ڦر دوران نوجوان قتل ٿي ويو، پير جو ڳوٺ ۾ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ نوجوان قتل، جڏهن ته خيرپور ۾ لاوارث لاشن ملڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي، قتل جي واقعي خلاف وارثن ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي ڌرڻو هنيو، ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري ضلعي ڪائونسل جي آفيسر فيصل ڀٽو کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته دوست دانيال ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو حملو ڪندڙ جوابدارن فرار ٿي ويا. واقعي خلاف ڀٽو برادري پاران مقتول جي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ۽ ٽائرن کي باهه ڏني وئي، مظاهرين نثار ڀٽو، صابر ڀٽو، سجاد،مختيار ،ايڊووڪيٽ فياض حسين خميساڻي، خيرپور يوٿ ڪائونسل جي صدر ميڊم رابيل گل ڦلپوٽو مقتول جي ڀاءُ ديدار ڀٽو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ضلعو بدامني جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي، جڏهن ته خيرپور پوليس امن قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي،ٻئي طرف پير جو ڳوٺ ڀرسان ڪوٽ پل وٽ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ نوجوان آصف ولد محمد ايوب جاگيراڻي کي قتل ڪيو ويو ،هوڏانهن خيرپور جي شاهه حسين ٿاڻي جي حد ۾ مٺو مري لڳ انصاري سي اين جي اسٽيشن وٽان ٻه لاش هٿ آيا آهن ، جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، پوليس ٻنهي لاشن کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو، ايم اين اي ڊاڪٽر سيدا نفيسه شاهه چيو آهي ته انجنيئر فيصل گلزار ڀٽو جو قتل انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو واقعو آهي، شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست ۽ پوليس جي بنيادي ذميواري آهي. هن خيرپور پوليس کي هدايت ڪئي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن ۽ سندن سهولتڪارن کي فوري گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ کين سخت سزا ڏيارڻ لاءِ اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like