فوجي طاقت ڪيتري به هجي، ماڻهو بکيا هوندا ته حڪومت نه بچندي: باقر قاليباف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته حڪومت کي آمريڪي معاشي دٻاءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ حڪومت قائم نه رهي سگهندي.
عراق جي دوري تي موجود محمد باقر قاليباف بغداد ۾ ايراني سفارتخاني ۾ ايراني ۽ عراقي واپارين سان ملاقات دوران چيو ته ڀلي اسان وٽ ڪيتري به فوجي طاقت هجي، جيڪڏهن ماڻهو بکيا هوندا، معاشي ترقي ۽ قومي پيداوار نه هوندي ته اسان بچي نه سگهنداسين.
قاليباف چيو ته ”اسان کي انهن ظالماڻين پابندين تي ضابطو آڻڻ لاءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، جيئن اسان انهن جو مقابلو ڪري سگهون.“
ملاقات دوران هن ايران ۽ عراق وچ ۾ واپار ۾ ٻنهي ملڪن جي قومي ڪرنسين جي استعمال تي زور ڏيندي چيو ته ان طريقيڪار سان ٻطرفي ڏيتي ليتي ۾ ڊالر جو ڪردار ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
واضح رهي ته آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته ايران خلاف واشنگٽن جون نيون پابنديون ”عالمي تاريخ ۾ معاشي اڪيلائي جي سڀ کان وڏي مهم هونديون ۽ اهي ايراني حڪومت کي زوال ڏانهن ڌڪي ڇڏينديون.

You might also like