تهران (راز زميت، ايران معاملن جي ماهر): ايران جي قيادت جي تازن اهم بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايراني اختيارين ملڪ جي سنگين معاشي صورتحال ۽ آبناءِ هرمز کي دٻاءَ جي ڪار آمد ذريعي طور استعمال ڪرڻ جي گهٽجندڙ صلاحيت جو وڌندڙ ادراڪ ڪري رهيا آهن، خاص طور اهڙي وقت ۾ جڏهن آمريڪي فوجي ڪاررواين جي نتيجي ۾ آبنائي هرمز ذريعي هڪ سامونڊي رستو کولڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان واضح ڪيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ موجود کوٽ کان انڪار نٿي ڪري ۽ سندس چوڻ آهي ته بهتر اهو ٿيندو ته جنگ ان وقت ختم ڪئي وڃي، جڏهن ايران مضبوط ۽ باوقار پوزيشن ۾ هجي ۽ سڄي دنيا ان جي فتح کي تسليم ڪري رهي هجي.
ٻئي پاسي ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته ايران وٽ ڀلي ڪيتري به فوجي طاقت ڇو نه هجي، پر جيڪڏهن عوام بکيو هجي ته ملڪ گهڻي وقت تائين مزاحمت نٿو ڪري سگهي.
تنهن هوندي به هن مرحلي تي اهڙا ڪي واضح اشارا سامهون ناهن آيا ته ايران غير مشروط طور مفاهمت جي يادداشت (MOU) ڏانهن واپس وڃڻ ۽ لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي. جيتوڻيڪ تهران اڃا تائين بحري ناڪابندي ختم ڪرڻ ۽ ڪجهه پابندين ۾ نرمي آڻڻ وارن پنهنجن بنيادي مطالبن تي قائم آهي.
تهران اڃا به بظاهر اهو سمجهي ٿو ته تازين اڳڀراين باوجود وٽس عالمي معيشت ۽ خليجي ملڪن کي ان کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ جي صلاحيت موجود آهي. ممڪن ڇڪتاڻ وڌڻ، توڙي جو ٻيهر جنگ شروع ٿيڻ جي صورت ۾ به، ايران لاءِ ان جي قيمت آمريڪي مطالبا قبول ڪرڻ ۽ آبناءِ هرمز کي غير مشروط طور ٻيهر کولڻ کان گهٽ ٿي سگهي ٿي.
ايراني قيادت جي نظر ۾ هڪ ٻيو مسئلو اهو آهي ته رڳو عارضي جنگبندي جي بدلي آبناءِ هرمز کولڻ سان جنگ جي مستقل خاتمي جي ضمانت نٿي ملي. تهران کي خدشو آهي ته آمريڪا نومبر ۾ ٿيندڙ مڊٽرم چونڊن کانپوءِ ٻيهر فوجي ڪارروائي شروع ڪري سگهي ٿو.
ٻئي پاسي آمريڪا طرفان ايندڙ غير واضح ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي سان ٽڪرائيندڙ پيغام به تهران ۾ ممڪنه معاهدي جي مخالفت کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهن ٿا، خاص طور آمريڪي ناڻي واري وزير بيسنٽ جي گذريل ڏينهن ڏنل ان بيان کانپوءِ، جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني حڪومت جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي.
هاڻوڪي صورتحال ۾ اهو پڻ واضح ناهي ته تهران هن مرحلي تي اهو سمجهي رهيو آهي يا نه ته آمريڪا حقيقت ۾ ايران کي ڪهڙي آڇ ڪرڻ لاءِ تيار آهي، خاص طور اهڙي وقت جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ بظاهر اڃا تائين ان ڳالهه تي پراعتماد نظر اچي ٿو ته معاشي دٻاءُ اهو مقصد حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪو فوجي دٻاءُ حاصل نه ڪري سگهيو.
هاڻوڪي صورتحال جو بنيادي نڪتو اهو آهي ته جيتوڻيڪ تهران ۾ اهو احساس وڌي رهيو آهي ته موجوده صورتحال ايران جي حق ۾ نٿي وڃي، پر اهو چوڻ اڃا وقت کان اڳ هوندو ته اهو احساس ايراني قيادت اندر ضروري اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيندو.
خاص طور احمد واحدي، محسن رضائي ۽ سڀ کان وڌيڪ مجتبيٰ خامنه اي جهڙن اهم فيصلو ڪندڙ حلقن جي رضامندي کانسواءِ ايران لاءِ پنهنجي موجوده حڪمت عملي تبديل ڪرڻ آسان نه هوندو. تنهن ڪري تهران ۾ حالتن جي سنگيني جو وڌندڙ اعتراف لازمي طور تي فوري طور پاليسي ۾ تبديلي جو سبب بڻجندو، اها ڳالهه اڃا به يقيني ناهي.