ليڊز(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وقتي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته انگلينڊ اسان کي هر شعبي ۾ آئوٽ ڪلاس ڪيو ۽ اسان ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون.
ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي سلمان آغا چيو ته اسان جي بيٽنگ انگلش ڪنڊيشن تجربيڪار ناهي، پر بيٽرن کي مسلسل ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.
هن چيوته اسان بالنگ ڪئي ته پچ گهميل هئي، پر اسان جي بالرن ان مان ڀرپور فائدو نه ورتو.
هن چيو ته اسان وٽ اهڙا بالر آهن، جيڪي 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪري سگهن ٿا، پر هنن ٽن فاسٽ بالرن ويسٽ انڊيز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري هئي ۽ موجودا ڪنڊيشن به انهن لاءِ سازگار هيون، مان هاڻي به کين سپورٽ ڪريان ٿو.
سلمان آغا چيو ته اسان کي پنهنجون غلطيون سڌارڻيون پونديون ۽ ايندڙ ميچ ۾ وڌيڪ مضبوط واپسي ڪرڻي پوندي.
هن چيو ته علي عثمان لاءِ مان تمام گهڻو خوش آهيان، جنهن طريقي سان هن هن ڪنڊيشن ۾ بالنگ ڪئي، جڏهن ته عبدالله شفيق جي بيٽنگ تي به تمام گهڻو خوش آهيان.
پاڪستاني ڪپتان وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته بابر اعظم ايندڙ ميچ ۾ واپسي ڪندو ۽ سندس موجودگي اسان جي بيٽنگ کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.