پاڪستان خلاف پهرئين بال وڪيٽ سٺي شروعات هئي، اڃا رڌم ۾ ناهيان: اولي رابنسن

ليڊز (ويب ڊيسڪ) هيڊنگلي ٽيسٽ جي پليئر آف دي ميچ انگلش فاسٽ بالر اولي رابنسن چيو آهي ته پهرئين بال تي وڪيٽ سان شروعات ڪرڻ بهترين انداز هو، مان رڳو مسلسل بالنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس، ڇاڪاڻ ته مون کي مڪمل رڌم محسوس نه ٿي رهيو هو.
ميچ کانپوءِ بهترين رانديگر جو اعزاز ماڻيندڙ انگلش فاسٽ بالر چيو ته پچ سٺي هئي، ڇو ته بال ٻنهي پاسن کان سوئنگ ٿي رهيو هو.
هن چيو ته گذريل ڇهن هفتن دوران مون لاءِ وقت ڏکيو رهيو ۽ مان پنهنجي فٽنيس تي اي سي بي جي ميڊيڪل ٽيم سان گڏ ڪم ڪري رهيو هئس.
اولي رابنسن چيو ته ان محنت مون کي ٻنهي اننگز دوران پنهنجي بالنگ جي رفتار برقرار رکڻ ۾ مدد ڏني، مان اڃا مڪمل طور تي پنهنجي بهترين حالت ۾ ناهيان، پر هي شروعات منهنجي لاءِ اطمينان جوڳي رهي.
هن وڌيڪ چيو ته ٻي اننگز ۾ مون بال کي سوئنگ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته پچ ٿوري سست ٿي وئي هئي.
واضح رهي ته انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

You might also like