درياهن جو رخ موڙڻ ۽ سنڌوءَ تي ڪينالن وارا فيصلا پاڪستان لاءِ نقصانڪار آهن: محمود اچڪزئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر، تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته سڄو پاڪستان عمران خان جي صحت بابت پريشان هو ۽ سندس شفا اسپتال منتقل ٿيڻ جي خبر تي خوشي جو اظهار ڪيو پئي ويو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته ٽي وي تي به خبرون هلي رهيون هيون ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪيو ويندو، سندس ڀينرون ۽ ساٿي پڻ خوش هئا.
هن چيو ته پارٽي سرڪاري خواهش تي سمورن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي هئي ته ڪو به اتي نه ويندو، نه ڪو جلوس ڪڍيو ويندو ۽ نه ئي ڪو هنگامو ڪيو ويندو.
محمود خان اچڪزئي چيو ته رات جو خبر پئي ته عمران خان کي رات جي اونداهي ۾ ڪنهن ٻئي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
هن چيو ته عمران خان جي ڀيڻ ۽ سندس علاج ڪندڙ ڊاڪٽر کي شفا اسپتال جي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو.
هن چيو ته خبر ناهي ائين ڇو پيو ڪيو وڃي، ڄاڻي واڻي هڪ سٺي ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
محمود خان اچڪزئي چيو ته سرانان واقعي ۾ حڪومت اندر موجود ”ڪاري رڍن“ جو هٿ آهي.
هن چيو ته ”ڪالهه سرانان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ڪنهن جي ڪن تي جونءَ نه چُري، مان الزام لڳائي رهيو آهيان ته سرانان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو حڪومت اندر موجود ڪاري رڍن جو ڪم آهي.“
محمود خان اچڪزئي چيو ته ملڪ جا تمام اهم ۽ حساس فيصلا پارليامينٽ اندر ٿيڻ گهرجن.
حڪومت طرفان درياهن جو رخ موڙڻ ۽ سنڌو درياءَ مان نوان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اهڙن تڪراري قدمن سبب پاڪستان جا بنياد کوکلا ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ننڍن صوبن جي مرضي ۽ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪيل اهڙا فيصلا ملڪي ايڪي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا، تنهنڪري حڪومت کي ترت اهڙن منصوبن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.

You might also like