سنڌي ورهاڱو نٿا چاهين ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ عبدالغفور حيدري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته پاڪستان اندر سمورين قومن جي تاريخي سڃاڻپ برقرار رهڻ گهرجي.
هڪ بيان ۾ صوبن جي ورهاڱي ۽ نوان صوبا ٺاهڻ بابت ڳالهائيندي مولانا عبدالغفور حيدري واضح ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو ورهاڱو نٿا چاهين ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
هن چيو ته ملڪ ۾ جتي نون صوبن جي ضرورت هجي، اتي نوان صوبا ٺاهيا وڃن.

You might also like