اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين چيو آهي ته آمريڪا طرفان مڙهيل پابنديون ۽ معاشي دٻاءُ وچ اوڀر جي تڪرار جي حل ۾ مددگار ثابت نه ٿيندا.
واشنگٽن ان کان اڳ چين سميت مختلف حڪومتن کان ايران جي معيشت کي اڪيلو ڪرڻ وارين آمريڪي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لن جيان جمعي ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ”پابنديون ۽ دٻاءُ هن مسئلي جي حل ۾ مددگار ثابت نه ٿيندا.“
هن چيو ته چين سمورن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته ذميواراڻا قدم کڻن ۽ مسئلي کي سياسي ۽ سفارتي ذريعن ذريعي حل ڪن.
ٻئي پاسي آمريڪا جو چوڻ آهي ته ان جي معاشي مهم ايراني حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي، جڏهن ته تهران ان ڌمڪي کي معاشي دهشتگردي قرار ڏيندي ان کي ناڪامي سمجهي ٿو.
جڏهن آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ کان پڇيو ويو ته ڇا آمريڪا بيجنگ تي ان مهم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دٻاءُ وجهندو، ته هن جواب ڏيندي چيو ته ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون ڳجهي نموني ڪرڻ بهتر هوندو آهي.
ان باوجود هن بيجنگ تي زور ڏنو ته هو هن پروگرام ۾ شامل ٿي وڃي.
اسڪاٽ بيسنٽ جي بيان جي جواب ۾ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين اهڙين غيرقانوني هڪ طرفين پابندين جي مخالفت ڪري ٿو، جن جو بنياد عالمي قانون ۾ موجود ناهي ۽ جن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي منظوري حاصل ناهي.
You might also like