پاڪستاني شهرين لاءِ ويزا پابندي، برطانيا ۾ پاڪستاني حڪومتي عهديدارن جا اثاثا منجمد ڪرڻ جي ڌمڪي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي سياسي جماعت ريفارم يو ڪي جي گهرو معاملن بابت ترجمان ضياءَ يوسف ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن پاڪستان غير قانوني پناهگيرن ۽ پرڏيهي ڏوهارين کي واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو ته پاڪستاني شهرين لاءِ ويزا تي ”مڪمل پابندي“ لاڳو ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته پاڪستاني حڪومت جي ميمبرن تي پابنديون لڳائڻ ۽ برطانيا ۾ موجود سندن اثاثا منجمد ڪرڻ جهڙا قدم به کنيا ويندا.
ريفارم يو ڪي جي گهرو معاملن بابت ترجمان جو اهو سخت ردعمل اسلام آباد طرفان برطانيا مان واپس موڪليل ناڪام پناهه جي درخواست ڏيندڙن کي ٻيهر قبول ڪرڻ کان انڪار واري ڌمڪي کان پوءِ سامهون آيو آهي، جڏهن ته روچڊيل ۾ نابالغ ڇوڪرين جي جنسي استحصال جي ڏوهه ۾ سزا يافته شبير احمد جي معاملي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي.
پاڪستاني اختيارين شبير احمد جي معاملي تي برطانيا جا مطالبا رد ڪرڻ باوجود ٻنهي ملڪن وچ ۾ ”گولڊ اسٽينڊرڊ سهڪار“ جو موقف اختيار ڪيو آهي، ان باوجود ضياءَ يوسف خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نائجل فاريج ايندڙ چونڊن ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته پاڪستان کي ان معاملي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي سگهي ٿي، جنهن ۾ پاڪستاني شهرين جي برطانيا اچڻ تي ويزا پابندي پڻ شامل ٿي سگهي ٿي.
برطانوي هوم آفيس جي انگن اکرن موجب، مارچ تائين هڪ سال دوران پاڪستاني شهرين سميت مختلف ملڪن لاءِ مجموعي طور 138747 انٽري ڪليئرنس ويزائون جاري ڪيون ويون آهن، جن ۾ 88553 وزٽ ويزائون شامل هيون.
ضياءَ يوسف برطانوي اخبار ڊيلي ايڪسپريس سان ڳالهائيندي چيو ته برطانيا ۾ پاڪستاني شهرين جو هڪ وڏو انگ غير قانوني طور تي رهائش پذير آهي، جن ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو به شامل آهن، جيڪي ويزا جو مدو پرو ٿيڻ باوجود ملڪ ۾ رهندا آهن ۽ پوءِ پناهه جي درخواست ڏئي ڇڏيندا آهن.
هن چيو ته اهڙن ماڻهن کي ملڪ بدر نه ڪيو پيو وڃي، تنهن ڪري پاڪستان طرفان برطانيا کي ڏنل ”ڌمڪي“ کِل جوڳي آهي.
ضياءَ يوسف چيو ته جيڪڏهن هو برطانيا جو گهرو وزير بڻيو ته هو پاڪستان کي روچڊيل جي ڏوهاري شبير احمد ۽ سمورن غير قانوني پناهگيرن کي واپس وٺڻ تي مجبور ڪندو ۽ جيڪڏهن پاڪستان ائين نه ڪيو ته پاڪستاني شهرين لاءِ ويزا تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي ويندي، پاڪستاني حڪومتي ميمبرن تي پابنديون لڳايون وينديون ۽ برطانيا ۾ سندن اثاثا منجمد ڪيا ويندا.
واضح رهي ته شبير احمد 12 سالن تائين جي نابالغ ڇوڪرين کي نشانو بڻايو هو ۽ 1973ع کان اڳ برطانيا اچڻ وارن دولتِ مشترڪه جي شهرين کي حاصل لڳ ڀڳ 50 سال پراڻي قانوني تحفظ جي آڙ ۾ ملڪ بدري کان بچندو رهيو.
ان قانوني خامي سبب گهرو سيڪريٽري شبانه محمود کي سخت عوامي ردعمل کان پوءِ قانون ۾ تبديلي ڪري اهو تحفظ ختم ڪرڻو پيو، تنهن هوندي به پاڪستان شبير احمد کي واپس وٺڻ کان انڪار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اهو معاملو برطانيا جو ”اندروني“ مسئلو آهي.
73 ورهين جي شبير احمد کي 30 ٻارن سان زيادتي جي ڏوهن ۾ ٻڌايل 22 سالن جي قيد جي سزا مان 14 سال جيل ۾ گذارڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. هو روچڊيل ۽ اولڊهم سان تعلق رکندڙ انهن 9 ماڻهن مان هڪ هو، جن کي ٻن ٽيڪ اوي ريسٽورنٽن ۾ 12 سالن تائين جي نابالغ ڇوڪرين جي جنسي استحصال جو ڏوهاري قرار ڏنو ويو هو.
جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ شبير احمد کي 24 ڪلاڪ عملي جي نگراني هيٺ رهائشگاهه منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس جسم تي جي پي ايس سان ڳنڍيل اليڪٽرانڪ نگراني وارو ٽيگ پڻ لڳايو ويو.
پاڪستاني ذريعن اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن شبير احمد کي پاڪستان واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو ته پاڪستان انٽيليجنس، سيڪيورٽي ۽ منظم ڏوهن خلاف سهڪار جي شعبن ۾ برطانيا سان پنهنجو تعاون محدود ڪري سگهي ٿو.

You might also like