پيپلز پارٽي وفد جي اياز صادق سان ملاقات، حڪومت تي نظرانداز ڪرڻ جا الزام، اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي وفد جي قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله به ملاقات ۾ پهچي ويا، جڏهن ته سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ شيري رحمان پڻ ملاقات ۾ شامل هئا.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي هر اهم قومي، پارلياماني ۽ سياسي معاملي ۾ نظرانداز ڪرڻ بابت شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت پنهنجن خدشن کان پڻ آگاهه ڪيو.
پ پ ذريعن موجب، حڪومت واعدا نه پاڙيا ته گڏ هلڻ ڏکيو ٿي ويندو.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي سنگين الزامن جي جاچ جو پڻ مطالبو ڪيو.
حڪومتي وفد ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا جوڳا ثبوت فراهم ڪري ٿي ته جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.
ذريعن موجب، اسحاق ڊار چيو ته قانون سازي واري معاملي تي به پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪيا ويندا.
ٻنهي پارٽين قانوني ۽ پارلياماني معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
ذريعن موجب، اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق چيو ته مان چاهيان ٿو ته ٻئي اتحادي جماعتون پنهنجا اختلاف ختم ڪن، ان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس، منهنجو چيمبر اوهان لاءِ هر وقت حاضر آهي.

 

You might also like