انقلابي شاعر حبيب جالب جي ڌيءَ ريڙهي هلائي گذرڻ ڪرڻ تي مجبور

ناليواري انقلابي شاعر حبيب جالب جي ڌيءَ پاران ريڙهي لڳائڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ جو معاملو سامهون آيو آهي.

سنڌ جي صوبائي وزير ثقافت، سياحت ۽ نوادرات سيد ذوالفقار علي شاهه پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان ۽ طاهرا حبيب جالب سان رابطو ڪيو.

صوبائي وزير ثقافت، سياحت ۽ نوادرات سيد ذوالفقار علي شاهه طاهرا حبيب جالب کي روزگار جي سلسلي ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي.

طاهرا حبيب جالب صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه کي پنجاب جي مڪاني کاتي جي رويي بابت شڪايت ڪئي.

صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه لاڳاپيل صوبائي وزير سان ڳالهائي معاملو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.

صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان کي طاهره حبيب جالب سان ملاقات ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه طاهره حبيب جالب لاءِ لاهور ۾ بهتر روزگار فراهم ڪرڻ سميت سندس مسئلا حل ڪرڻ بابت پنجاب جي گورنر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته چيو ته مرحوم حبيب جالب جي خاندان جو خيال رکيو ويندو، پاڪستان پيپلزپارٽي انهن سان گڏ آهي،

You might also like