هتي سياستدان دهشتگرد بڻجي ويا آهن، ياسمين راشد سميت سياسي قيدين کي رليف ملڻ گهرجي: راجا ناصر عباس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ هڪ قيدي آهي، ڊاڪٽر ياسمين راشد 78 سالن جي مريض آهي، پر مٿس دهشتگردي جا ڪيس آهن.
هن چيو ته ڊاڪٽر ياسمين راشد ڊاڪٽر ۽ استاد رهي چڪي آهي، هوءَ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهي ۽ کيس هڏين جو مسئلو به آهي، پر کيس بنيادي حق به حاصل ناهن.
علامه راجا ناصر عباس چيو ته بزرگ شهري ۽ قيدي جا حق به نه پيا ملن، کيس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف آهي، جڏهن ته جيل ۾ چار چار ڪلاڪ بجلي به ناهي هوندي.
هن چيو ته ڊاڪٽر ياسمين راشد سڀني لاءِ رول ماڊل آهي، اچو ته انهن غلطين جو ازالو ڪريون.
هن چيو ته سينيٽر اعجاز چوڌري هن ايوان جو ميمبر هو، هو بيمار آهي ۽ دل جي مرض ۾ مبتلا آهي، پر کيس به تمام وڏو دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي، پارليامينٽرين کي دهشتگرد بڻايو ويو آهي.
راجا ناصر عباس چيو ته هتي سياستدان دهشتگرد بڻجي ويا آهن، اهي سياسي قيدي آهن ۽ انهن کي به رليف ملڻ گهرجي.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ بهتر ماحول پيدا ٿيو هو ۽ سياست ۾ بهتري اچي رهي هئي.
علامه راجا ناصر عباس چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي، اسان چاهيون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي.

You might also like