اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف( پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان رات 12 وڳي تائين خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ جو امڪان آهي،
ذريعن موجب، خانگي اسپتال ۾ سيڪيورٽي ڪليئرنس سميت ٻيا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، ڊاڪٽرن جي هڪ خاص ٽيم باني پي ٽي آءِ جو طبي معائنو ڪندي.
طبي معائني کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته باني پي ٽي آءِ کي واپس اڊيالا جيل موڪلڻو آهي يا اسپتال منتقل ڪرڻو آهي.
You might also like