ڪراچي کي ٽيڪنالاجي ۽ هٿرادو ڏاهپ جو مرڪز بڻائڻ جو منصوبو!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي دل ڪراچي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ هٿرادو ڏاهپ جو وڏو مرڪز بڻائڻ جو وڏو منصوبو سامهون اچي ويو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان زونگ چائنا موبائل پاڪستان (CMPak) جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ زونگ جي اي آءِ ريڊي ٽائر-III ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.

ان موقعي تي سنڌ حڪومت ۽ سي ايم پاڪ منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ جديد ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ زونگ کي مڪمل سهڪار ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڊجيٽل بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت ۽ نوجوانن جي مستقبل لاءِ انتهائي ضروري آهي.

سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب، زونگ ڪراچي ڊيٽا سينٽر منصوبي ۾ 4 ارب رپين کان وڌيڪ جي شروعاتي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته زونگ ايندڙ 10 سالن دوران منصوبي ۾ وڌيڪ 14 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪندو.

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي کي خطي جو اهم ٽيڪنالاجي، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ هٿرادو ڏاهپ جو مرڪز بڻايو ويندو. اي آءِ ريڊي ڊيٽا سينٽر سان ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، هٿرادو ڏاهپ ۽ مقامي ڊيٽا هوسٽنگ جي صلاحيتن ۾ واڌ ٿيندي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ جديد ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجي منصوبن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي زونگ جي منصوبي لاءِ گهربل سهولتون ۽ رابطي جي هم آهنگي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

زونگ پاڪستان جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هوو جون لي ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي سهڪار کي ساراهيندي ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جي عزم جو اظهار ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ڊيٽا سينٽر منصوبو پاڪستان جي ڊجيٽل خودمختياري، آءِ ٽي جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي واڌاري ۾ سنگِ ميل ثابت ٿيندو.

مراد علي شاهه چيو ته مستقبل جي معيشت ڊيٽا، هٿرادو ڏاهپ ۽ ڪلائوڊ ٽيڪنالاجيز سان ڳنڍيل آهي ۽ سنڌ هن شعبي ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندو. زونگ جو ڪراچي ڊيٽا سينٽر منصوبو ڊجيٽل پاڪستان ويزن، سي پيڪ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ سان هم آهنگ آهي.

You might also like