اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ۾ ترميمن بابت چيو آهي ته هڪ شخص لاءِ قانون سازي نه ٿيڻ گهرجي، جن کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي، انهن کي نشانِ امتياز ڏنو ويو آهي.
سينيٽ اجلاس دوران ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع تي بحث ڪندي ايمل ولي خان چيو ته بل تي بحث ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
ايمل ولي خان چيو ته منهنجي چاچي، جنهن هي بل پيش ڪيو، ان کي چوان ٿو ته اسان ته شروع کان ئي مار کائي رهيا آهيون، انهن بلن جي مار اڳتي به کائينداسين. هڪ شخص لاءِ قانون سازي نه ٿيڻ گهرجي، جن کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي، انهن کي نشانِ امتياز ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن هي ايترو بهترين قانون آهي ته لڪي ڇو ٿي رهيو آهي؟ وزارت جا عهدا هجن يا آئيني عهدا، اهي ذميواري وارا عهدا آهن.
ايمل ولي خان حڪومتي ڌرين کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”اوهان ٻئي جماعتون جمهوريت جي تابوت ۾ ڪوڪا ٺوڪي رهيا آهيو، قوم کي تباهه نه ڪريو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪي نون صوبن ٺاهڻ جا چيمپئن هئا، اهي ڪيڏانهن ويا؟ نئين صوبي جي شوشي تي سينيٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، قومن کي غلام بڻائي اوهان نٿا رکي سگهو.
هڪ شخص لاءِ قانون سازي نه ٿيڻ گهرجي، جن کي عبرت جو نشان بڻائڻ کپي، تن نشانِ امتياز ڏئي رهيا آهيو: ايمل ولي
You might also like