عمران خان جي اسپتال منتقلي خلاف ٻيهر نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، هاڻي حتمي فيصلي جو انتظار آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل رليف قانون موجب نه هو، جنهن خلاف حڪومت ٻيهر نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ڪا به ڊيڊ لائن ناهي. حڪومت ٻيهر نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي ۽ اميد آهي ته ان تي اڄ يا سڀاڻي فيصلو اچي ويندو.
راڻا ثناءُالله چيو ته حڪومت پاران داخل ڪيل نظرثاني درخواست تي فيصلو اچڻ ڏيو، ان کان پوءِ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي.
راڻا ثناءُالله چيو ته حڪومت آئين ۽ قانون جي پابند آهي ۽ سپريم ڪورٽ جا فيصلا ماتحت عدالتن تي لاڳو ٿيندا آهن.
سندس چوڻ هو ته حڪومت جو خيال آهي ته هن فيصلي جا فوجداري نظام انصاف تي وسيع اثر پوندا.
هن سوال اُٿاريو ته ”ڇا پوءِ هر قيدي کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويندو؟“
هن چيو ته ”اهڙي طرح هڪ هزار درخواستون اچي وينديون.“
سندس چوڻ هو ته ٻي صورت ۾ ماتحت عدالتن لاءِ اهڙين درخواستن کي رد ڪرڻ جي گنجائش باقي نه رهندي.
هن چيو ته حڪومت عدالتي فيصلن جو احترام ڪرڻ جي پابند آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي.
راڻا ثناءُالله اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي معاملي جو حوالو ڏيندي چيو ته کيس جيل مان سرڪاري سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته هڪ ميڊيڪل بورڊ نواز شريف کي ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ جي سفارش ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ حڪومت کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هئي.
حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ امڪاني ڳالهين بابت راڻا ثناءُالله چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي.
هن چيو ته ”بيرسٽر گوهر به تيار آهي، مون پاڻ به مخالف ڌر کي چيو آهي ته جيڪڏهن هو ڳالهيون چاهين ٿا ته انهن جي وقت جو تعين ڪرائي ڇڏيون ٿا.“
راڻا ثناءُالله جو چوڻ هو ته سياسي مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي ۽ حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.

You might also like