چيف آف ڊفينس فورسز جي اختيارن بابت پاڪستان دفاعي فورسز ايڪٽ 2026ع ۾ ترميمون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به پاڪستان ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ترميمي بل 2026ع منظور ڪري ورتا آهن، جڏهن ته ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع 13 نومبر 2025ع کان لاڳو هوندو.
اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي ۽ اپوزيشن جي سيٽن تي وڃي مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي سان هٿ ملايو. وزيراعظم شهباز شريف بئريسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ عامر ڊوگر سان پڻ ملاقات ڪئي.
قومي اسيمبلي ۾ ضمني ايجنڊا پيش ڪئي وئي، جنهن تحت ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026ع ۽ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ترميمي بل 2026ع ايوان ۾ پيش ڪيا ويا.
مخالف ڌر ايجنڊا جي مخالفت ڪندي چيو ته کين بلن جون ڪاپيون فراهم ناهن ڪيون ويون.
عاليه ڪامران چيو ته ٽيڪنالاجي مان لاڀ وٺڻ سکو، جنهن تي قانون واري وزير چيو ته بل ميمبرن جي ٽيبليٽس ۾ موجود آهي.
اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان هن پارليامينٽ جا ميمبر آهيون ۽ چاهيون ٿا ته قانونسازي ٿئي، بل اسان کي ڏنا وڃن ته ساٿي انهن کي پڙهي پنهنجي راءِ ڏين.
هن چيو ته بلن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ رکيو وڃي ته جيئن انهن تي بحث ٿي سگهي.
محمود خان اچڪزئي عمران خان بابت ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني کي آسمان جو مسئلو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته بدترين ڏوهاري جو به حق هوندو آهي ته سندس صحت جو خيال رکيو وڃي.
ان دوران نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ترميمي بل 2026ع منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن کي اڪثريتي ووٽن سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته اپوزيشن ووٽنگ جي عمل جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاجن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.
قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ جي اجلاس ۾ نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ترميمي بل 2026ع تي رٿ پيش ڪئي وئي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف رٿون پيش ڪيون.
ايمل ولي خان چيو ته بل تي بحث ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. چيئرمين سينيٽ چيو ته رولز معطل ڪيا ويا آهن ۽ بحث جي اجازت ڏني وئي.
پي ٽي آءِ ميمبرن حڪومتي سينيٽرن کان سوال ڪيو ته ڇا انهن بل پڙهيو آهي.
ايمل ولي خان چيو ته ”هڪ شخص لاءِ قانونسازي نه ٿيڻ گهرجي، جن کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي، انهن کي امتياز جو نشان بڻايو ويو آهي.“
هن چيو ته جيڪڏهن اهو ايترو ئي بهترين قانون آهي ته لڪ ڇپ ۾ ڇو پيو آندو وڃي؟ توهان ٻئي جماعتون جمهوريت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪا هڻي رهيا آهيو، قوم کي تباهه نه ڪريو.
قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته رولز موجب، ضمني ايجنڊا آڻي سگهجي ٿي.
هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ايڪٽ ۾ هڪ ترميم ڪئي وئي آهي ۽ ”ڪنڪرنٽلي“ جو لفظ شامل ڪيو ويو آهي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته معرڪه حق ۾ پاڪستان جون هٿياربند فوجون ساڳئي ڪوآرڊينيشن سان وڙهيون ۽ پاڪستان کي الله فتح ڏني.
هن چيو ته ٽنهي هٿياربند فوجن جي گڏيل سهڪار سان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ۽ قومي اسيمبلي ۾ به بل جو هڪ هڪ اکر پڙهي منظور ڪيو ويو.
بچاءَ واري وزير ڊفينس فورسز آف پاڪستان ترميمي بل 2026ع سينيٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن کي نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ترميمي بل 2026ع سان گڏ منظور ڪيو ويو.
اعظم نذير تارڙ چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ چيف آف ڊفينس فورسز جو عهدو قائم ڪيو ويو هو، جنهن جي سيڪريٽريٽ جي جوڙجڪ بابت بل متعارف ڪرايو ويو آهي.
سينيٽ جو اجلاس سڀاڻي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like