”اڌ تنهنجو، اڌ منهنجو“، پاڪستان خلاف 5-5 شڪار ڪندڙ ٽنگ ۽ رابنسن بال ڪپي کڻي ويا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) فٽبال ۾ هيٽ ٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ فٽبالرز طرفان ميچ جو بال پاڻ وٽ رکڻ جي روايت آهي، اهڙيءَ طرح ڪرڪيٽ ۾ ڪو بالر پنج وڪيٽون وٺڻ کانپوءِ بال پاڻ سان کڻي ويندو آهي.
پر جيڪڏهن هڪ ئي اننگز ۾ ٻه بالر پنج پنج وڪيٽون وٺن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
انگلش فاسٽ بالر اولي رابنسن ۽ جوش ٽنگ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پنج، پنج وڪيٽون وٺڻ کانپوءِ ان جو دلچسپ حل ڪڍي ورتو.
جوش ٽنگ اننگز جي خاتمي تي ڳالهائيندي چيو ته ”روبو چيو ته اسان بال کي اڌ اڌ ڪنداسين، گرائونڊ اسٽاف جي مهرباني جن ائين ڪري ڏنو.“
هن چيو ته هن پهريون ڀيرو اهڙو ڪجهه ٿيندي ڏٺو آهي ۽ هو بال جو پنهنجو اڌ حصو ڪنهن جاءِ تي سينگاري رکندو.
ٻئي پاسي اولي رابنسن به ميڊيا ڪانفرنس دوران پنهنجو اڌ بال ڏيکاريندي چيو ته ميدان کان ٻاهر ايندي جوش ٽنگ صلاح ڏني ته ”ڇو نه بال اڌ اڌ ڪيون، اسان کي واقعي ائين ڪرڻ گهرجي، اهو ڪافي دلچسپ هوندو.“
رابنسن موجب، ڪرڪيٽ بال کي ٻه حصا ڪري رکڻ جو ڪو مثال موجود ناهي، انڪري هي اهڙو عمل هو جنهن کي هو ٻئي ڪڏهن وساري نه سگهندا.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪندي انگلينڊ طرفان جوش ٽنگ 46 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته اولي رابنسن 51 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 171 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان جي عبدالله شفيق 61 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ڏينهن جي پڄاڻيءَ تائين ميزبان انگلينڊ ليڊز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 112 رنسون ٺاهي ورتيون هيون.
جوش ٽنگ ۽ اولي رابنسن 2006ع ۾ اولڊ ٽريفورڊ ۾ پاڪستان خلاف اسٽيو هارميسن ۽ مونٽي پنيسر کانپوءِ انگلينڊ لاءِ هڪ ئي ٽيسٽ اننگز ۾ پنج پنج وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻيا.
هيڊنگلي ۾ ٻئي هٿن ۾ هٿ وجهي ميدان کان ٻاهر آيا ۽ هڪ ئي بال کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو منصوبو ٺاهيو.
رابنسن ٻڌايو ته ٽيم مئنيجر وين بينٽلي بال گرائونڊ اسٽاف وٽ کڻي ويو.
هن چيو ته هنن پڇيو ته ڇا هو بال کي ٻه اڌ ڪري سگهن ٿا؟ جنهن تي گرائونڊ اسٽاف پنجن منٽن اندر بال ٻه حصا ڪري واپس ڪري ڏنو.

You might also like