2007ع ۾ ڀارت کي هارائڻ کانپوءِ ڇا ٿيو؟ شڪيب الحسن ٻڌائي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن 2007ع جي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف بنگلاديش جي ڪاميابي کي ياد ڪندي چيو آهي ته ان فتح عالمي ڪپ جو سڄو فارميٽ تبديل ڪري ڇڏيو هو.
هڪ بيان ۾ اڳوڻي بنگلاديش ڪپتان چيو ”جڏهن اسان 2007ع جي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ آئرلينڊ خلاف کيڏي رهيا هئاسين ته ٽڪيٽن تي ڀارت ورسز پاڪستان ڇپيل هو.“
بيان موجب، شڪيب چيو ته ”ڀارت کي شڪست ڏئي اسان ورلڊ ڪپ جو سڄو فارميٽ تبديل ڪري ڇڏيو.“
واضح رهي ته 2007ع واري ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش ڀارت کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ان ئي گروپ مرحلي ۾ پاڪستان کي آئرلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻو پيو هو.

 

You might also like