خدشا ختم نه ٿيا ته حڪومت سان سهڪار نه ڪنداسين، قومي مفاد واري قانونسازيءَ تي سهڪار ڪنداسين: بلاول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خدشا ختم ٿيڻ تائين سندس جماعت قانونسازي ۾ حڪمران جماعت مسلم ليگ ن سان سهڪار نه ڪندي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن ڪو اهڙو قانون سامهون اچي ٿو، جيڪو قومي مفاد ۾ هجي ته پيپلز پارٽي ان مخصوص معاملي تي سهڪار ڪري سگهي ٿي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جا ميمبر حڪومت سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جڏهن ته مسلم ليگ ن به پيپلز پارٽي جا اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ ساڻن رابطو ناهي ڪيو.
بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي نيت ٺيڪ آهي، هو ڪم به ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پيپلز پارٽي جا خدشا به ختم ڪرڻ چاهي ٿو، پر سندس چوڌاري ڪجهه اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي وزيراعظم جون ڪوششون بار بار ناڪام بڻائين ٿا.
اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن واري سوال تي بلاول ڀٽو چيو ته پيج هڪ به ٿي سگهي ٿو، پر دال ۾ ڪجهه ته ڪارو آهي، کيس خبر ناهي ته اهو ڇا آهي، پر ڪجهه ته آهي ۽ اهو اڄ يا سڀاڻي سامهون اچي ويندو.
بلاول ڀٽو کان سندس ان بيان بابت پڻ سوال ڪيو ويو، جنهن ۾ هن چيو هو ته حڪومت جي اُبتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي ۽ پڇيو ويو ته ڇا هو ان هائوس تبديلي چاهي ٿو؟
بلاول ڀٽو جواب ڏنو ته هن وقت سندس ڌيان ان هائوس تبديلي تي ناهي، هو چاهي ٿو ته پارليامينٽ فعال ٿئي.
نون صوبن بابت ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته عوام جي اتفاقِ راءِ سان جيڪو به قدم کنيو ويندو، پيپلز پارٽي ان سان گڏ بيهندي، پر زور زبردستي سان ڪا ڳالهه نه اڳ مڃي آهي ۽ نه ڪڏهن مڃينداسين.
عمران خان کي علاج لاءِ اسلام آباد جي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته بهتر اهو هجي ها ته سپريم ڪورٽ کي اهڙو حڪم ڏيڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها ۽ حڪومت عمران خان جي علاج جو پاڻ بندوبست ڪري ها.
هن آزاد ڪشمير ۾ ٿيل چونڊن کي به تڪراري قرار ڏيندي چيو ته حڪمران جماعت مسلم ليگ ن اتي جي مسئلن جو حل نٿي ڪڍي سگهي.
پريس ڪانفرنس کان اڳ بلاول ڀٽو پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن چيمبر ۾ اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات پڻ ڪئي.
ملاقات دوران پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا، تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل اسد قيصر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

You might also like