موبائل فون سان ڪنهن اهم لمحي جي تصوير يا اسڪرين شاٽ محفوظ ڪرڻ بظاهر ياد رکڻ ۾ مددگار لڳي ٿو، پر هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ائين ڪرڻ سان ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻ ياد رکڻ جي صلاحيت متاثر ٿي سگهي ٿي.
آمريڪا جي بنگهيمٽن يونيورسٽي جي نفسيات واري شعبي سان لاڳاپيل محققن جي تحقيق موجب، جيڪي ماڻهو ڪنهن شيءِ کي ياد رکڻ لاءِ پاڻ ان جي تصوير ڪڍن ٿا، انهن لاءِ بعد ۾ ان جا تفصيل ياد رکڻ جا امڪان انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ واضح طور گهٽ هوندا آهن، جيڪي تصوير نٿا ڪڍن.
جرنل ’ميموري اينڊ ڪاگنيشن‘ ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ماهرن هن رجحان کي ’فوٽو ٽيڪنگ امپيئرمنٽ افيڪٽ‘ جو نالو ڏنو آهي.
تحقيق جي مک ليکڪا ۽ بنگهيمٽن يونيورسٽي جي پي ايڇ ڊي جي شاگردياڻي صوفيا فابريزيو موجب، ماڻهو ڪنهن واقعي يا ڄاڻ جا تفصيل وڌيڪ سولائي سان وساري ڇڏين ٿا، جيڪڏهن اهي انکانپوءِ پاڻ ڪڍيل تصويرون ٻيهر نه ڏسن.
محققن جو چوڻ آهي ته سمارٽ فون استعمال ڪندڙ ماڻهن جي فونن ۾ عام طور تي هزارين تصويرون محفوظ هونديون آهن ۽ هر روز وڌيڪ تصويرون ان ۾ شامل ٿينديون رهنديون آهن. جيتوڻيڪ بعد ۾ تصويرون ڏسڻ سان يادگيري تازو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، پر رڳو تصوير ڪڍي ان کي ڪيمرا رول ۾ ڇڏي ڏيڻ يادگيري بهتر ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي.
هن رجحان جو جائزو وٺڻ لاءِ محققن ست مختلف تجربا ڪيا، جن ۾ شرڪت ڪندڙن فن پارن جون تصويرون ڪڍيون ۽ بعد ۾ کانئن پڇيو ويو ته انهن ڇا ڏٺو هو. نتيجن مان خبر پئي ته جن ماڻهن پاڻ تصويرون ڪڍيون هيون، انهن کي بعد ۾ اها معلومات ٻين جي ڀيٽ ۾ واضح طور گهٽ ياد رهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو اثر رڳو ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن شرڪت ڪندڙن پاڻ ڪيمرا استعمال ڪري تصوير ڪڍي. جسم تي لڳل ڪيمرائن ذريعي پاڻمرادو ڪڍيل تصويرن سان اهڙي يادگيري جي ڪمزوري نظر نه آئي. ان مان محققن اندازو لڳايو ته پاڻ تصوير ڪڍڻ جو عمل ئي هن اثر ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.