بلوچستان جي ترقيءَ ۾ خلل وجهندڙ دهشتگردي کي پاڙئون پٽي ڇڏينداسين: صدر زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ايوانِ صدر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران بلوچستان جي مجموعي صورتحال، امن امان ۽ صوبي ۾ جاري ترقياتي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران وڏي وزير مير سرفراز بگٽي صدر کي صوبي ۾ جاري ترقياتي رٿائن ۽ عوامي ڀلائي وارن قدمن بابت آگاهه ڪيو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان ۾ امن، ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ اثرائتا رابطا ضروري آهن، جڏهن ته ايراضيءَ جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي بلوچستان کي خاص ڌيان ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ گهرجن.
صدر چيو ته ٻاهرين سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن طرفان بلوچستان جي ترقي ۾ خلل وجهڻ جون ڪوششون هر قيمت تي ناڪام بڻايون وينديون.
هن عزم جو اظهار ڪيو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن بلوچستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، جڏهن ته صوبي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جو عمل هر صورت جاري رکيو ويندو.

You might also like