اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته هو ن ليگ سان سهڪار جي حق ۾ ناهن.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي کي چونڊن ۾ هارايو ويو، جيڪڏهن مسلم ليگ ن کي اهڙي تڪراري چونڊ گهرجي پئي ته کين مبارڪ هجي.
هن چي وته حڪومت طرفان رابطو ڪيو ويو ته ضرور ڳالهائينداسين، پر جيستائين پيپلز پارٽي کي انصاف نه ملندو، حڪومت سان سهڪار نه ٿيندو.
بلاول ڀٽو چيو ته هو گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون چونڊون ”حق ملڪيت، حق حڪمراني“ جي منشور تي وڙهي آيو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته اسان حڪومتي بينچن تي ويهون ۽ پنهنجن ڪارڪنن جا لاش کڻون.
هن سوال اُٿاريو ته ڇا اتحادين سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي، جيڪو آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪيو ويو؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي خدشن جو ڪو حل نه نڪتو ته ن ليگ سان سهڪار ڪرڻ جي حق ۾ ناهيون.
بلاول چيو ته ن ليگ اعتراضن بابت پيپلز پارٽي يا پارلياماني ڪميٽي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪئي.
هن چيو ته پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته ن ليگ سان سهڪار نٿو ٿي سگهي، تنهن هوندي به قومي معاملن تي ضرورت پوڻ تي سهڪار ڪري سگهجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير جون چونڊون انتهائي حساس آهن، آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي کي چونڊن ۾ هارايو ويو، جڏهن ته ميرپور سميت ڪوٽلي ۾ به پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي شڪست ڏني وئي.
بلاول ڀٽو چيو ته صوبن بابت پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي، هو ڪيئن چئي سگهي ٿو ته پيپلز پارٽي صوبن جي مخالف آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي موقف سان گڏ بيهندي، نون صوبن بابت عوام جيڪو فيصلو ڪندو، پيپلز پارٽي ان سان گڏ بيهندي، زور زبردستي سان نه ڪالهه مڃيو هو ۽ نه ڪڏهن مڃينداسين.
هن چيو ته هن وقت تائين ڪنهن به ترميم جو ڪو نڪتو سامهون ناهي آيو، جيڪڏهن ڪو نڪتو سامهون آيو ته ان تي ڳالهائينداسين. جتي اتفاقِ راءِ موجود هجي، اتي فيصلو اتفاقِ راءِ سان ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته اختلاف جي صورت ۾ به سياسي پارٽين کي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو چاهي ٿو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جو علاج ٿئي ۽ هو صحتياب ٿي وڃي.
اپوزيشن سان ملاقات بابت ڳالهائيندي بلاول چيو ته پيپلز پارٽي جو مخالف ڌر سان رابطو ٿيو آهي ۽ هو چاهي ٿو ته سياسي پارٽيون گڏجي ڳالهائين.
هن چيو ته سندس اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات ٿي، پيپلز پارٽي هميشه پارليامينٽ جو احترام ڪيو آهي ۽ خواهش آهي ته اپوزيشن پارٽيون پارلياماني ڪميٽين ۾ واپس اچن.
بلاول ڀٽو چيو ته ڪجهه اپوزيشن پارٽين پارلياماني ڪميٽين جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو هو، اميد آهي ته اهي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪنديون. پارليامينٽ کي سرگرم بڻائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين کي فعال ڪرڻ ضروري آهي.
هن چيو ته پارلياماني ڪميٽين ۾ مخالف ڌر جو ڪردار انتهائي اهم آهي، جڏهن ته چونڊ عمل ۾ به اپوزيشن پارٽين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اپوزيشن بهتري چاهي ٿي ته چونڊ سڌارن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.