لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر جارڊن ڪاڪس اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي بابت چيو آهي ته هو اهڙو شخص آهي، جنهن کي هو ڪنهن به مدد جي ضرورت پوڻ تي ميسج ڪندو.
انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي فرنچائز رائل چئلينجرز بئنگلورو (آر سي بي) سان واڳيل انگلش ڪرڪيٽر جارڊن ڪاڪس هڪ بيان ۾ چيو ته ويرات ڪوهلي اهڙو شخص آهي، جنهن کي هو احترام سان ڏسي ٿو ۽ فالو ڪري ٿو.
هن چيو ته مان ڀارت ۾ لڳ ڀڳ چئن مهينن تائين رهيو آهيان، ويرات ڪوهلي اهڙو ماڻهو آهي، جنهن کي مان ان وقت ميسج ڪندس، جڏهن مان پاڻ مايوس يا اڪيلو محسوس ڪندس ۽ مون کي مدد جي ضرورت هوندي.