بيٽرن جي فائدي لاءِ بابر هوم سيريز ۾ فليٽ پچون ٺهرائيندو هو“عروج ممتاز جي تبصري نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو

ليڊز (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي وومين ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽيٽر عروج ممتاز قومي ڪپتان بابر اعظم بابت چيو آهي ته جڏهن بابر اعظم کي پهريون ڀيرو ڪپتان بڻايو ويو هو ته هو هوم سيريزن ۾ فليٽ پچن جو خواهشمند هو.
هيڊنگلي ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن ڪامينٽري باڪس ۾ تبصرو ڪندي عروج ممتاز چيو ته بابر اعظم پنهنجي ڪپتاني واري پهرئين دور ۾ هوم سيريزن لاءِ فليٽ پچن جو خواهشمند هو.
هن دعويٰ ڪئي ته بابر چاهيندو هو ته اهڙيون وڪيٽون تيار ڪيون وڃن، جن تي بيٽر وڌيڪ حاوي رهن، انڪري فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ به وڪيٽن تان گاهه هٽايو ويندو هو.
هن چيو ته فليٽ پچن سبب فاسٽ بالر دٻاءَ ۾ اچي ويندا هئا، پچن مان تيز بالرن کي ڪا به مدد نه ملندي هئي ۽ بيٽرن کي وڏيون اننگز کيڏڻ جا وڌيڪ موقعا ملندا هئا.
عروج ممتاز جو اهو تبصرو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن تي ڪرڪيٽ شوقين پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

You might also like